تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بل??چس??ان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، ماضي ۾ بل??چس??ان جي سياسي اڳواڻن به عوام بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، ماضي ۾ سياسي اڳواڻن بل??چس??ان کان و??يڪ لنڊن ۽ هڪ اڳوڻي صدر بل??چس??ان کان و??يڪ دبئي جا دورا ڪيا، موجوده حڪومت جي دور ۾ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪ??ي بل??چس??ان تي خصوصي ڌيان ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته اهو ترقي ۾ پوئتي آهي، ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪ??ي سگهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بل??چس??ان ۾ به شروع ڪئي ويندي، موثر معاشي پاليسين جي ڪ??ي ڪورونا جي باوجود ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، 17 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ پلس آهي، گذريل چئن مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو، ڪورونا جي ٻي لهر سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. هو هتي ڏکڻ ضلعن جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪري رهيو هو.