اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آهي، هندستان پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا ??ار وڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برادري سان نائين اليون کانپوءِ تمام وڏو ظلم ٿيو آهي، هزاره برادري مڇ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي مٽيءَ ما??ُ حوالي ڪري انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئيٽا ايندس، مڇ سانحي جي متاثرين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، لاشن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سان جوڙڻ جو شرط مناسب نه آهي، اه??ي طرح ڪرپشن ڪندڙ داڙيلن جو ٽولو به بليڪ ميل ڪندو، آءِ ٽي جي شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. هو هتي ??نفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.