اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ ??وڳ??ڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مشڪل حالت?? جي باوجود حڪومت ڪو نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪاروباري لا??ت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز تي ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، امپورٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، تعميرات جي شعبي جي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ??يو ويو آهي.