اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شگر انڪوائري ??ميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ??ئي ڇ??ي آهي، وزير??عظ?? ڪڻڪ کي عوام جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن آبادي جي ضرورتن ??وج?? ڪڻڪ جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻائي سگهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا شگر انڪوائري ??ميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي منظوري ??ني. وزير??عظ?? چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان جاچ جي لاءِ ڪميشن جو قيام عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ??ميشن جي سفارشن جي ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ذميوارين جي حوالي سان هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائين. وزير??عظ?? عمران خان جي هدايت ??وج?? خاص معاونين پاران اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزير??عظ?? عمران خان جي هدايت جي روشني ۾ سمورن خاص معاونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا پيا وڃن. تازي اطلاعن ??وج?? هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خاص معاونين کي اڃا اثاثا جمع ڪرائڻا آهن جيڪي جمع ڪرايا ويندا. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائ?? آڻڻ بابت قدمن جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي ڪڻڪ جي صورتحال، صوبائي حڪومتن پاران ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن جي صورتحال ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽٽائ?? آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.