اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضم ٿيل علائقن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪ??هن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، ا??هن علائقن ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ او??ين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻن قبائلي علائقن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ضم ٿيل ضلعن ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي معاملن، ڪورونا وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان روڊ ميپ تي اڳڀرائي جي معاملن تي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي وئي، وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪ??هن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائن او??ين ترجيح آهي.