اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطه ڪار تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ايس او پي?? تي عملدرآمد جاري رکيو ??ڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح گذريل عيد ۾ ايس او پيز کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اسان ??ا اسپتال ڪورونا م??يض?? سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ايس او پي?? تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪورونا جي م??يض?? جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ وينٽي ليٽر?? تي به م??يض?? جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اها شرح تمام گهڻي آهي.