اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پريس آفيسرن ??ي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ ??اءِ سچي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊي?? آفيسر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن جيڪو ملڪي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اهرين ملڪ نون مقرر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪ??مت?? قدمن ۽ ملڪي تشخص ??ي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪردار حاضر دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ميڊيا جي رجحانن کي اختيار ڪندي ادا ڪرڻو پوندو.