اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي کي سي پيڪ جي ح??الي سان بريفنگ ڏني، 10 وفاقي وزيرن ۽ سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي. فو??م سي پيڪ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ??يو ۽ لاڳاپيل وزارتن پاران سي پيڪ تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي ح??الي سان مڪمل حمايت کي ورجايو.