اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) بجلي جي ورڇ، رسد، لوڊشيڊنگ ۽ بلنگ جي صورتحال نيٽ ميٽرنگ ۽ ٻي معلومات آن لائين حاصل ڪرڻ لاءِ ”روشن پاڪستان“ جي نالي سان موبائيل ايپليڪشن جاري ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي جو واعدو پورو ڪري ڇ??يو آهي. رهتن جي وصولي ۽ بجلي جي چوري جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، لائين لاسز جا انگ اکر به موبائيل ايپ ذريعي حاصل ٿي سگ??ندا، نئين سسٽم سان صارفين ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ پنهنجن فيڊرن تان بجلي جي فراهمي جو پاڻ جائزو وٺي سگ??ندا. آفيسرن کي صارفين آڏو جوابده بڻائينداسين. پاور ڊويزن واري وزارت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڪجهه عنصرن طرفان حڪومت کي بدنام ڪر?? جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول ڪجهه هفتا اڳ ئي ڏنو هو ۽ بجلي جي پيداوار ۾ اضافي ۽ موبائيل ايپلي??يش?? جاري ڪرڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇ??يو آهي.