اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي دائري جي قبائلي علائقن تائين توسيع تاريخي سنگ ميل آهي، 70 سالن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف قبائلي عوام کي صدين پراڻي سامراجي نظام کان ڇ??ٽڪارو ڏ??اريو، فاٽا جي عوام جي ملڪ جي آئيني ۽ سياسي نظ??م ۾ شموليت انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي، پوري پاڪستان جي ترقي خوشحالي ۽ مضبوطي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي فخر جوڳي روايت آهي، سموريون رڪاوٽون پار ڪري پاڪستان ??ي مستحڪم ۽ عوام کي خوشحال بڻائينداسين. هڪ بيان ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي مان ان بل جي منظوري فاٽا جي عوام کي پارليامينٽ پاران جمهوري تحفو آهي، پوري قوم ۽ پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ??ي مبارڪباد ڏيان ٿي، انشاءَ الله ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ خوشخبريون ڏينداسين.