اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحال?? لاءِ اڻٽر آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر مصري سفير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. شا??ه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي ??ي قابل قيادت ۾ سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ?? ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آ??نده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي دوري دوران صدر السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪري سان تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري جي پاڪستان جي دوري ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي جلد انعقاد جو منتظر آهي. مصري سفير پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.