اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي موڪ??يو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغ??ن عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪ??يو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شامل آهن. امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ ??س??ي کان خوست پهچندو، جتي اهو امدادي سامان افغ??ن عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امدادي سامان جي روانگي ۽ افغ??ن عملدارن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ??قص??نن تي پاڪستان پاران انساني همدردي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.