ڪوئيٽا – 05 ̵1; آ??سٽ (اي پي پي) بلوچستان ج?? وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏ??ن ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. بلوچستان ج?? وڏي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي ?? لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.