اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آهي ته مخالف ڌر بي شڪ احتجاج ڪري پر قانون کي هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسي??، افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند نه کيڏي وڃي، عمران خان ڪڏهن ??ه اسرائيل کي تسليم نه ڪندو، مدرسن جي شاگردن کي ڀڙڪائڻ لاءِ اشتعال انگيز نعرا نه هنيا وڃن، موجوده اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪرائي ئي ناهي ته احتجاج جو ڪهڙو سبب آهي، مخالف ڌر ڪنهن ??داري جي توقير تي سلامت رهڻ ڏي، مولانا فضل الرح??ان اسلام آباد طرف ن?? پر اسلام جي طرف ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزيرن گهرو وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته وزيرن جي اجلاس ۾ امن ا??ان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي پنهنجي اعلان موجب مديني جي رياست طرز تي ٺاهڻ جو خواهشمند آهي، اسان ديني قوتن جو احترام ڪريون ٿا ۽ مدرسن کي اسلام جو قلعو ۽ مينار سمجهون ٿا، هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ 560 مدرسا آهن ??نهن ??ان صرف 92 رجسٽرڊ آهن، وزيرن جي ڪميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن ??ڏهن ??ه قانون واري وزير فروغ نسيم به اهم قانوني مشورا ڏنا آهن، هن چيو ته 19 جنوري تي مخالف ڌر پارٽيون اليڪشن ڪميشن احتجاج لاءِ اچي رهيون آه??، اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن ??ن تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته ان جو ڪو جواز نه آهي، جنهن ??سيمبلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آهن ??ن اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو به وٺي رهيا آهن، چونڊ سڌارن طرف ن??ا اچن، گهرو وزير چيو ته مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ به مخالف ڌر حصو وٺندي، اسان اميد ڪريون ٿا ته مخالف ڌر امن ا??ان جو مسئلو پيدا نه ڪندي، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي امن جي خواهش کي خراب نه ڪيو ويندو،