اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪاروباري برادري کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪست??ن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ نمايان تبديلي ۽ سيڙپڪ??ر دوست ڪلچر ڏسڻ ۾ ايندو، غربت جي خاتمي ۽ پاڻ ت?? ڀاڙڻ جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ضرورت آهي، منهنجو ويزن آهي ته ملڪ پاڻ ڀرو ٿئي ۽ غربت جو خاتمو ٿئي، جائ?? طريقي سان پئسو ڪمائڻ ۾ ڪابه برائي نه آهي، سيڙپڪاري سان ئي ملڪ ترقي ڪندا آهن، موجوده حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ جامع پروگرام تي عمل پيرا آهي، هو وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پاڪستان اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو.