تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف ازبڪستان – افغانستان – پاڪستا?? ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران و??يراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ازبڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگران و??يراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي هموار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ور??ايو. هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستا?? ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ور??اءُ ڪيو. نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.