اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪائونسل پيٽروليم واري وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو ??ڃي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسيلن واري وزارت کان پنجاب حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ ان??ان?? ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو ته موجوده ان??ان?? ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن کي وفاقي تعليم ۽ پ??شيواراڻي تربيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪيو ??ڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پ??شيواراڻي تربيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.