اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي ادارن ڪورونا وبا جي باوجود پاڪستان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي، لاهور ۾ نئين شهر جي تعمير جي من??وبي سان سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته ملڪ تي جان ڏيندڙ عظ??م فرزند ميجر طفيل شهيد نشان حيدر جي ورسيءَ تي قوم کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج جي جوانن جرئت ۽ بهادري جا روشن مثال قائم ڪيا. پوري قوم قابل فخر شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته راوي ??يو?? من??وبو نئين پاڪستان ۾ نئين لاهور جو بنياد آهي جنهن سان سيڙپڪاري جي راهه هموار ۽ عوام کي روزگار جا وسيع موقعا ملندا. وڻڪاري، ڍنڍ ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽس جا من??وبا لاهور کي خوبصورت ۽ ماحول دوست بڻائيندا. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عالمي ادارن ڪوورنا وبا جي باوجود اسان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي جيڪا شاندار ڪامي??بي آهي. موڊيز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سان آئوٽ لڪ م??بت قرار ڏني آهي.