اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوج حڪومتي پاليسين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ماضي جي حڪومتن جي مقابلي ۾ فوج سان ??وجوده حڪومت جا شاندار لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان ??لسطين جو مسئلو ختم نه ٿيندو، ان ??سئلي جو حل پاڻ اسرائيل جي مفاد ۾ آ??ي، پاڪستان ۾ ميڊيا مڪمل آزاد آهي ۽ ايستائين جو حڪومت ۽ وزيرن کي به ان کان تحفظ حاصل نه آ??ي، جيتري اسان جي حڪومت جي خلاف ميڊيا ۾ تنقيد ٿي ماضي ۾ ائين ناهي ٿيو، ڪجهه موقعن تي اسان جي خلاف ميڊيا جي ذريعي پروپيگنڊا ڪيو ويو، اسان جي ٻن سالن جي حڪومتي دور ۾ سڀ کان ??ڏي تبديلي اها آئي آهي ته پاڪستان ۾ ايليٽ ڪلاس کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن جو ڪو به ميگا ڪيس سامهون ناهي آيو، هيٺين سطح تي ڪرپشن جو اعتراف آهي تنهن هوندي به ان جي خاتمي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. غير ملڪي ٽيلي ويزن چئنل الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جا چين ۽ آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان کي ڪنهن ڪيمپ جو حصو هجڻ جي ضرورت نه آ??ي، اسان ??ر ملڪ سان بهترين لاڳاپا ڇو نٿا رکي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان جو مستقبل چين سان جڙيل آهي جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آ??ي، هن 62 ارب ڊالر جي لاڳت جي اقتصادي لنگهه منصوبي جي شرطن ۾ ترميم لاءِ چين سان ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو ته چين سان اسان جا لاڳاپا هن وقت پهرين کان بهتر آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان چين جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي تجربن مان ??ائدو کڻدو، آمريڪا سان ??اڳاپن جي حوالي سان ??ڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه سال اڳ جي ڀيٽ هن وقت آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهترين آهن، افغانستان ۾ اسان امن جا سهولتڪار آهيون، حڪومت افغانستان ۽ طالبان جي وچ ۾ مستقبل ۾ اقتدار ۾ حصيداري جي معاهدي جي حمايت جي حوالي سان ??ڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته افغان جيڪو پنهنجي لاءِ بهترين سمجهن ٿا اهو اسان جي لاءِ به سٺو هوندو، افغان امن ۾ افغانستان کانپوءِ سڀ کان ??ڌيڪ فائدو پاڪستان جو آ??ي، هن چيو ته افغانستان ۾ 19 سالا جنگ ۽ قتل ۽ غارت کانپوءِ ج??ڪڏ??ن ڪير اهو سمجهي ٿو ته اهو سڀ اچانڪ گڏجي ??هڻ شروع ڪري ڇڏين ته منهنجي ??يال ۾ اها صورتحال انتهائي ڏکي آ??ي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان طالبان ۽ افغان حڪومت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آ??ي، دراصل هڪ معجزو آ??ي، عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو.