اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ڪينسر،ڪارڊيڪ ڊرگز ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن وغيره جي درآمدات کي ڪجهه شرطن تحت پ??بندي کان ڇوٽ قرار ڏيڻ جي تجويز، ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جي دوا جي قيمت 10.873 کان گهٽ ڪر?? 8244 رپيا ڪرڻ، ڪنٽونمينٽ بورڊ جا نوان ميمبر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان پيش ڪئي ويندڙ تجويزن ۽ 7 م??تل?? ڪنٽونمينٽس جي ري ڪلاسيفڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ نيشنل هيلٿ سروسز وار?? خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.