اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ڊار چيو آ??ي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چونڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جون پارٽيون اس??ع??فا??ن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آ??ي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرائي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي تان اس??ع??فا??ن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثمان ڊار وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين تان اس??ع??فا??ون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.