اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان جي انگيج آفريقا پاليسي جو مقصد آفريقي ملڪن سان سفارتي لاڳاپن ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي، ??اڪ??تان جلد ئي جبوتي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ سفارتي مشن قائم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه جبوتي جي قومي اسيمبلي جي ص??ر محمد علي حامد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارلياماني وفد سان گڏ ساڻس ملاق??ت ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پڻ موجود هو. وزيراعظم جبوتي جي وفد جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.