اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي بدران ڪميشن ??ف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن ??وڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائري ڪميشن ??راڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي ط??ب ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي سان ني??نل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران سفارشن ??ي منظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ڪرائڻ جي لاءِ او??ن بيلٽ اليڪشن ??ي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي.