مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? مهمند ڊيم جو دورو ??يو ۽ موقعي تي جاري ڪم جو جائزو ورتو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جرل (ر) مزمل حسين منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. مهمند ڊيم جو سنگ بنياد وزيراعظم عمران خا?? 2 مئي 2019ع ۾ رکيو هو، مهمند ڊيم درياءُ سوات تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي، اهو گهڻ مقصد منصوبو ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت ۽ شهري ض??ور??ن لاءِ پاڻي ذخيرو ??رڻ، سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. ٽي سئو نو ارب کان وڌيڪ (309.6) ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ مهمند ڊيم جي اونچائي 213 ميٽر هوندي جنهن ۾ 1.293 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ??رڻ جي گنجائش هوندي ۽ 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.