اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ??ڪومت ۽ عوام دل ۽ جان سان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت ان جي ??زم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ قومي روزاني ۾ لکيل پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ??رٽيڪل ۾ لکيو ته هن سال 5 آگسٽ تي ڪشمير جي ??صوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي ٻه سال ٿي ويا آهن. اهي ٻه سال ان تلخ ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته هن جديد دور ۾ به اسان جا ڪشميري ڀينر ڀائر هڪ سفاڪ فوجي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته بهادر ڪشميرين جي ??زادي جو جذبو جنهن جو بنياد انهن جي ??بن ڏاڏن ڊوگرا راڄ جي ??لاف پنهنجي ??زادي جي ??حريڪ ۾ وڌو، اڃا به تازو آهي. ڪشميري پنهنجي ??ودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??ذر??ل 7 ڏهاڪن کان جدوجهد ڪري رهيا اهن ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت انهن جي ??زم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. هن لکيو ته پاڪستان ۽ ان جي ??وام دل ۽ جان سان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اسان سدائين کان ڪشميري عوام جي ??واهشن ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ڪشميرين جي ??ودمختياري جي ??ق ۽ آزادي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سدائين کان پرعزم آهي ۽ رهندو. حڪومت ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت پاران انساني حقن جي ??لاف ورزين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪشمير تڪرار قومي سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ آيو. عالمي سربراهن ۽ عالمي صحافين پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين تي ڀارت جي ??لاف آواز بلند ڪيو ويو. آرٽيڪل ۾ اهو به لکيو ته وزيراعظم، سندس ڪابينا ۽ اسان جي پارليامينٽ ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ڀارتي وحشياڻي ڪاررواين جي ??خت مذمت ڪئي آهي. زميني صورتحال ۽ قابض ڀارتي فوج جي هڪطرفي غيرقانوني قدم مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته ڪشميرين جي ??ڃاڻپ ختم ڪرڻ جو منصوبو زور شور سان جاري آهي. جبري طور تي آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي لاءِ صدي پراڻي شهريت جي قانون کي تبديل ڪرڻ انهي منصوبي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. دنيا ۾ اهڙن قدمن سان مقامي آبادي ۽ قابضن جي وچ ۾ تلخين ۾ سدائين اضافو ٿيو آهي. ڪشميري مسلمان پنهنجي قابضين جي ??ن آبادياتي منصوبي کان چڱي ريت واقف آهن. ڀارت ان حڪمت عملي کي پهريون ڀيرو هند جي ورڇ جي مرحلي ۾ استعمال ڪيو. نومبر 1947ع ۾ مهاراجا جي ??رپرستي هيٺ ڊوگرا ٽيم فوجي ??ستن ۽ آر ايس ايس جي ??لوائين اٽڪل 3 لک ڪشميري مسلمانن جو وحشياڻو قتل ڪيو. اها خونريز نسل ڪشي ڄمون جي ??ٽڪل 10 لک ڪشميرين جي ??بري لڏپلاڻ جو سبب بڻي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو قتلام حڪومتي سرپرستي ۾ ڄمون، جتي مسلمان ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو ۽ واضح اڪثريت هئي، جي ??بادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو هو. ان نسل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ سان ڄمون ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو مصنوعي آبادياتي تناسب اڄ تائين قائم آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي ئي هڪ خطري جا بادل ڪشميرين تي ڇائنجي ??هيا آهن. آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلي کانسواءِ ڀارتي حڪومت ??ذر??ل 131 سالن کان عل??ئقي جي ??رڪاري زبان اردو جو استعمال گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ قانون منظور ڪيو آهي. عوامي جاين جا مسلمان نالا به تبديل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته جبري حدبندي جي ??ريعي مسلمانن جي نمائندگي کي مصنوعي طور تي گهٽ ڪرڻ جا قدم ڪشميرين جي منفرد سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي هڪ ٻي سازش آهي. اهي قدم ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام جي ??واهشن جي ??بتڙ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني منسوخي سان ئي ممڪن ٿيا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي آئين جي ڪنهن به آرٽيڪل لاڳو ڪرڻ کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو، پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي منسوخي جي نتيجي ۾ زميني صورتحال ۾ گهري تبديلي آئي آهي. اها ??طر??ن معاهدن ۽ عالمي قراردادن جي ??نگين خلاف ورزي آهي. ڪشميرين جي ??زادي جي ??دوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت ظالماڻن قدمن ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هر ڪشميري تي هڪ ڀارتي فوجي مڙهيل آهي. اڄ هزارين سياسي اڳواڻ، استاد، ڪارڪن، صحافي ۽ شاگرد ڪارن قانونن ۽ ڪوڙن الزامن تحت جيلن ۾ قيد آهن. انهن سان غيرانساني ۽ اڻوڻندڙ سلوڪ جي ڪري انهن جي ??ان کي خطرو آهي. صدر لکيو ته بي جي پي حڪومت اهو ثابت ڪيو آهي ته هندوتوا نظريي سان ڪشمير جي ??ياسي تشخص، تاريخي ورثي، عل??ئقائي امن ۽ عالمي قدرن کي خطرا آهن. بي جي پي جي ??ثر هيٺ ڀارت طاقت جي ??ستعمال ۽ فوجي مهم جوئي جي ??ريعي خطي ۾ بالادستي ۽ زميني حقيقتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت سوز ڪاررواين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جي لاءِ هڪ منظم مهم شروع ڪري رکي آهي. ڀارت جي پاڪستان جي ??لاف پروپئگنڊه مهم ۽ دهشتگردي جي پٺڀرائي تي پاڪستاني رپورٽ مان واضح آهي ته ڀارت اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي ??رپرستي ڪري رهيو آهي. تازو ئي يورپي يونين جي ??المي شهريت يافته ڊس انفو ليب جعلي غيرسرڪاري تنظيمن ۽ جعلي ويب سائيٽس جي ??ريعي گڏيل قومن ۽ يورپي پارليامينٽ کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي چال جو پڙدو فاش ڪيو. اهڙي طرح هڪ عالمي ڀارتي عهديدار به ايف اي ٽي ايف جي ٽيڪنيڪي فورم کي سياست زده ڪرڻ ۽ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جي لاءِ ڀارتي اثررسوخ استعمال ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم سوال پيدا ٿين ٿا. اڄ اسان پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ تي مجبور آهيون ته ڇا موجوده ڀارتي حڪومت هڪ ذميوار اڪائي آهي يا پوءِ هڪ شدت پسند هندوتوا راڄ، جنهن تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي؟ ڀارتي فوجي ??سلط جي ??لاف ڪشمير جي مقامي آزادي جي ??دوجهد کي سدائين کان عوامي حمايت حاصل رهي. پنهنجي ??ازين ڪاررواين جي ڪري پرتشدد هندوستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ??هيل سهيل حمايت به وڃائي چڪو آهي. ظلم ۽ رياستي ڏاڍ جي مقابلي ۾ ڪشميرين سدائين بهادري، اڻٿڪ عزم ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. ڪشميري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت تسليم ٿيل سياسي حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي تسلط جي ??لاف منهن ڏيندا رهندا. پاڪستان ڪشميرين جي ??راب حالت تي عالمي ضمير کي جنجهوڙندو رهندو. آئون عالمي دنيا کي اپيل سان گڏوگڏ انهن کي ان ڳالهه جي ياد ڏياريندو هلان ته اها ڪشميري عوام ۽ انسانيت جي قدرن تحت ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيڻ جي پابند آهي. ڪشميرين سان ڪيل خودمختياري جي ??ق جو واعدو اڄ به اڌورو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري عوام کي ڀارتي تسلط کان آزادي ملندي. انشاءَ الله.