اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪ?? جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ?? جي دفاع واري و??ير جنرل (ر) خلوصي آقار سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪي عالمي معاملن تي ??ڪج??ڙا خيال رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ سڀني عالمي فورمن تي مڪمل تعاون آهي، صدر چي?? ته اسلامي دنيا کي مختلف مسئلا ۽ ڳنڀير حالتون درپيش آهن. اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي جنگ سبب سخت متاثر ٿيو. هن چي?? ته افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي پهچندو، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪ?? جي حمايت جاري رکندو، صدر ڪشمير ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي حمايت تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ترڪ دفاع واري و??ير ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاران صدر عارف علوي کي ترڪ?? جي دوري جو دعوت نامو پيش ڪيو، ترڪ دفاع واري و??ير چي?? ته ٻنهي ڀائرن ملڪن کي گڏيل مفاد جي معاملن تي گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ترڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو، هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تربيت سميت ٻين دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.