راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ج??رل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، مجموعي علائقائي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آر چيف جاپاني سفير جي خدمتن ک?? ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ک?? هٿي ڏيڻ ۽ دفاعي/سيڪيورٽي تعاون ۽ افغان صورتحال تي مؤقف ج?? حمايت ۾ ان جي شرڪت کي ساراهيو. جاپاني سفير افغان صورتحال سميت افغانستان مان ڪامياب نيڪاليءَ تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهترين لاڳاپن ک?? ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.