رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وزيرا??ظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مختلف ??عب?? ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن افغانستان جي تازي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيرا??ظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏ??و. وزيرا??ظم عمران خان زور ڏ??و ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. وزيرا??ظم افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏ??و. بحرين جي ولي عهد چيو ته هو پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وزيراعظمن مختلف ??عب?? ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ??ي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ولي عهد جلد پاڪستان جي دوري جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23