اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري افغان عوام جون مشڪلاتون گهٽ ??رڻ جي لاءِ پن??نجون ذميواريون پوريون ڪري، افغان عوام جي انساني بنيادن تي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزي??اع??م چيو ته هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي و??ير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ??رڻ جي لاءِ کاڌي جون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو سفر ڪندڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪنداسين. وزي??اع??م چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پن??نجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.