اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جي بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر ان تي واڪ آئوٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال ۽ ٻاهرئين ملڪ ??هن??ڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021 آئين جي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت فوري طور تي غور هيٺ آڻن جي رٿ پيش ڪئ?? جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي بعد ۾ ايوان مان بل جي شقوار منظوري ورتي وئي. شق 2 تي مخالف ڌر ميمبر محسن داوڙ پاران ترميم پيش ڪئ?? وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئ??. هن چيو ته هي بل ڪافي عرصي کان هلندو پيو اچي هي بل 90 ڏينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، هي ان ۾ دير چاهين ٿا. اها ترميم غيرضروري آهي. ان تي ايوان کان ورتي وئي ۽ اڪٿريت راءِ سان ترميم رد ڪئ?? وئي. بعد ۾ مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ تي ان تي ووٽنگ ڪرائي وئي. رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا، اهڙي طرح رٿ منظور ڪئ?? وئي. ان دوران مخالف ڌر ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو. اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ طلب ڪري ورتو جنهن اسپيڪر ڊائس کي پنهنجي حصار ۾ وٺي ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ٻي ترميم پيس ڪئ??، ان تي تاج حيدر پنهنجي ترميم پيش ڪئ?? جنهن جي بابر اعواڻ مخالفت ڪئ??. اسپيڪر بابر اعواڻ جي ترميم ايوان ۾ پيش ڪئ?? ۽ ان کي اڪثريت سان منظور ڪيوويو. ايوان تاج حيدر جي ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي. شق (3) ۾ ٽي ترميمون هيون. بابر اعواڻ ان تي پنهنجي ترميم پيش ڪئ?? جيڪا منظور ڪئ?? وئي. سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پيش ڪئ??. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئ??. ايوان مشتاق احمد خان جي ترميم رد ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل چونڊ ترميم ٻه بل 2021ع منظوري جي لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل موجب ٻاهرئين ملڪ ??هن??ڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ايجنسيز جي فني معاونت حاصل ڪري سگهندو. ان بل موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري پڻ ڪري سگهبي.