اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان عالمن جي معاشرتي ذميدارين جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سئنون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ??ئي، خطيب فيصل مسجد ڊاڪٽر قاري ضياءُ ا??رحمان جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ عالم سڳورن جي معاشرتي ذميدارين جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن اسلامي تاريخي حوالن جي روشني ۾ دين اسلام ۾ عالم سڳورن جي معاشرتي ذميدارين تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهن ۾ فهم دين پيدا ??رڻ ۽ اصلاح ڪرڻ عالم سڳورن جي ذميداري آهي، جمعو معاشري، ماڻهن ۽ عوام جي اصلاح جو ڏينهن آهي، هن چيو ته اسان جو دين اسلام تمام گهڻو وسيع آهي اهو وقت، قوم ۽ علائقي تائين محدود نه آهي، مسجدن ۽ منبر کي عوام النساس ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، عالم سڳورا سماجي مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا، هو مسجدن کان ٻاهر نڪرن ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن، هن چيو ته اسان جي دين ۾ ماڻ??ن جي اصلاح سان گڏوگڏ حقوق العباد جو نظام به ملي ٿو، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي، خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي، جمعي جي نماز دوران ڪورونا وائرس جي وبا جي نئين لهر جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو ويو. سماجي فاصلو ۽ ماسڪ پائي نماز ادا ??ئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻ??ن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.