لاهور – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ مان ڦرلٽ ڪري ڀڄي ويندڙ اڄ اسان کي معيشت تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن، نواز شريف لنڊن جي ??ڀ کان مهانگي پراپرٽي ۾ ويٺل آهي، آصف علي زرداري لنڊن ۾ چرچل هوٽل جو مهانگو ترين اپارٽمينٽ وٺي رهي ٿو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو مسئلو سڌوسنئون انهن سان واڳيل آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت کي پنهنجي 5 سالن ۾ انهن جو ورتل 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، پيپلزپارٽي جي ??ڪومت جڏهن وئي ??ه گئس تي ڪو گردشي قرض نه هو، شاهد خاقان عباسي 157 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ڇڏي ويو، جيڪي اسڪيمون انهن شروع ڪيون اهي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ساليانو 90 ارب رپيا گهربل آهن، انهن ماڻهن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ مهانگائي درپيش آهي، اسان انهن کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهون ٿا، عمران خان جو پوري ملڪ ۾ ووٽ آهي، پي ٽي آءِ ک??نسواءِ ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ ايتري صلاحيت نه آهي جو اها 1100 سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري سگهي، اليڪشن اچڻ ڏيو، ميدان به سامهون هوندو، اسان ڏيکارينداسين ته اليڪشن ڪيئن وڙهبي آهي، انشاءَ الله ايندڙ 5 سال به عمران خان جي ??ڪومت هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب جي ن??ين چونڊيل عهديدارن جي ??لف برداري واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لاهور جي ??حافين کي هيلٿ ڪارڊ جي ??هولت فراهم ڪئي وئي آهي، صحافي ۽ انهن جا خاندان ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي ??سپتال مان 10 لک رپين تا??ين ساليانو علاج جي ??هولت حاصل ڪري سگهندا، اسپتال ۾ داخلا جا سمورا خرچ حڪومت ادا ڪندي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه مان ان پروگرام جي ??روعات ڪئي، جيستا??ين نجي ??عبو صحت ۽ تعليم جي ??عبن ۾ شامل نه ٿيندو، مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته صحت پروگرام هڪ منفرد پروگرام آهي، هڪ وڏي آبادي ان پروگرام مان فائدو کڻندي، ان سان گڏوگڏ نجي ??عبي کي به هيلٿ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته عوام کي سٺيون اسپتالون ۽ سٺو علاج گهرجي. سنڌ حڪومت جيترو پئسو صحت جي ??عبي ۾ خرچ ڪري رهي آهي هي پروگرام ان کان اڌ رقم ۾ مڪمل ٿيڻو آهي. سنڌ ۾ هڪ ڊاڪٽر جي پگهار 76 لک رپيا رکي وئي، سنڌ ۾ صحت جو شعبو ۽ سموريون اسپتالون ويهي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سمورن طبقن کي صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اسان امير ۽ غريب ۾ فرق کانسواءِ هڪ جهڙي علاج جي ??هولت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان لاهور کانپوءِ اسلام آباد جي ??حافين ۽ سمورن پريس ڪلبن سان واڳيل صحافين کي صحت ڪارڊ جي ??سٽيٽ آف دي آرٽ سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته ميڊيا جي ??ريعي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت کي درخواست ڪريون ٿا ته اها به هن پروگرام ۾ حصو وجهي. هن چيو ته وزيراعظم جي لو ڪاسٽ هائوسنگ اسڪيم ۾ به صحافين کي شامل ڪيو ويو آهي، سمورا صحافي ان اسڪيم مان فائدو کڻڻ جا اهل هوندا، 5 مرلا تا??ين جي گهر تي 27 لک رپين تا??ين جو قرض ملندو، 3 لک رپين جي ??بسڊي حڪومت پاران ڏني پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پرنٽ ميڊيا کي ڊيجيٽلائيزيشن طرف اچڻو پوندو، جيئن جيئن انٽرنيٽ جي ??فتار ۾ اضافو ٿيندو، ڊيجيٽل ميڊيا فارمل ميڊيا جي ??ڳهه وٺندي. هن چيو ??ه گذريل ٽن سالن ۾ 12 ارب رپين جي ??يڊورٽائيزمينٽ فارمل ميڊيا کان ڊيجيٽل ميڊيا ۾ منتقل ٿي. وفاقي وزير چيو ته فائيو جي ٽيڪنالاجي ۾ وڏو انقلاب آهي، موجوده ميڊيا ماڊل کي ان انقلاب جي لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪراچي پريس ڪلب وانگر لاهور پريس ڪلب کي به ڊيجيٽل ميڊيا ليب بڻائي ڏينداسين، ان ليب ذريعي صحافين کي وڊيو ايڊيٽنگ سميت ٻيون سهولتون ميسر هونديون، نوجوان صحافين کي سکڻ جا موقعا ملندا. هن چيو ته مالڪن سان سدا??ين ورڪنگ جرنلسٽس جي ڳالهه ڪئي، ڪجهه ڪئميره مينن ٻڌايو ته 7 سالن کان انهن جي پگهارن ۾ اضافو ناهي ٿيو. هن چيو ته 100 وڏين ڪمپنين اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 929 ارب رپين جو منافعو حاصل ڪيو، ميڊيا هائوسز به 35 کان 40 سيڪڙو منافعو حاصل ڪيو، ميڊيا مالڪن ۽ ڪمپنين کي پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ميڪرو اڪنامڪ پاليسيون ٺاهي رهيا آهيون، اڄ اسان جون انڊسٽريون هلي رهيون آهن، آبادگار خوشحال آهي، 1100 ارب رپيا زرعي شعبي ۾ منتقل ٿيا، معيشت 5 سيڪڙو جي ??رح سان ترقي ڪري رهي آهي پر پگهاردار طبقي جي لاءِ مسئلا موجود آهن، انهن جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿي رهيو آهي، جيستا??ين نجي ??عبو ان ۾ پنهنجو حصو نه وجهندو اهي مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته اسان ورڪنگ جرنلسٽس کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. ن??ين سڌارن ۾ نيوز پيپرز جي لاءِ آءِ ٽي اين اي ۾ اليڪٽرانڪ ورڪرز کي به حق ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن انهن جو ڪانٽريڪٽ پورو نه ٿو ٿئي ته اهي عدالت ۾ پنهنجو ڪيس داخل ڪري سگهن. هن چيو ته ورڪنگ جرنلسٽس جي ??وشحالي ضروري آهي، ان جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا کي اداري جي ??يثيت سان ڏسڻ گهرجي. برطانيا ۾ هن وقت بحث هلي رهيو آهي ته برطانوي وزيراعظم بورس جانسن لاڪ ڊائون لڳايو ۽ هو پاڻ سوشل سرگرمين ۾ مصروف رهيو جنهن تي برطانيا ۾ بحث شروع ٿي ويو ته لاڪ ڊائون لڳائي پاڻ ان تي عمل نه ڪرڻ تي برطانوي وزيراعظم جي ڪرسيءَ خطري ۾ پئجي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا ۾ ڪوالٽي آف ڊبيٽ جي ??رورت آهي، ميڊيا ۾ پرويز خٽڪ ۽ حماد اظهر جي ڳالهه ٻولهه کي غيرضروري طور تي اڇاليو ويو. پرويز خٽڪ گئس جي فراهمي جو مطالبو ڪيو پر ڪنهن ٽي وي چينل تي اهو بحث نه ٿيو ??ه گئس جو مسئلو ڇا آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي ??ڪومت جي ??ور ۾ گئس جي ??سڪيمن کي روڪي صحيح فيصلو ڪيو هو، جڏهن پيپلزپارٽي جي ??ڪومت وئي ??ه گئس تي ڪو گردشي قرض نه هو پر جڏهن (ن) ليگ جي ??ڪومت آئي ۽ شاهد خاقان عباسي گئس جي وزارت ڇڏي ويو ته 157 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ڇڏي ويو، جيڪي اسڪيمون انهن شروع ڪيون اهي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ساليانو 90 ارب رپيا گهربل آهن. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مهانگائي جي ڪري عمران خان جي ??يندڙ اليڪشن جي لاءِ مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته عمران خان جو ڪراچي کان خيبر تائين، لاهور کان پشاور تائين، ڪشمير، گلگت بلتستان سميت هر جڳهه تي ووٽ بئنڪ آهي، ايندڙ اليڪشن اٽڪل 1100 سيٽن تي ٿيڻي آهي، پي ٽي آءِ ک??نسواءِ ڪنهن ٻي پارٽي جي ??يثيت نه آهي ته اها ايترين سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري سگهي، (ن) ليگ سينٽرل پنجاب، پيپلزپارٽي اندرون سنڌ ۽ جي يو آءِ خيبرپختونخواهه جي ڪجهه علائقن جي پارٽي آهي، اليڪشن اچڻ ڏيو، ميدان به سامهون هوندو، اسان ڏيکارينداسين ته اليڪشن ڪيئن وڙهبي آهي. هن چيو ته ايندڙ 5 سال به عمران خان جي ??ڪومت هوندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ٽي اين اي جو پراسيس مڪمل ٿي چڪو آهي، هڪ مهيني ۾ آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين جي مقرري ٿي ويندي. ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ??دم ادائيگي تي اشتهار بند ڪرڻ جي ??وال تي هن چيو ته جيڪي ميڊيا ادارا پنهنجي ورڪرز کي پگهارون ادا نه ڪري رهيا آهن افسوسناڪ آهي، اسان قانون موجب ئي هلي سگهون ٿا، جڏهن اسان اهو قانون کڻي آيا هئاسين ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ان جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي پاس ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ وڌي. ان ڏس ۾ ميڊيا جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ سان به ڳالهه ڪن، ورڪنگ جرنلسٽس جي ??ل ۾ به اسان شق وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان ۾ به انهن رڪاوٽ وڌي، قانون کانسواءِ اسان ڪنهن جا اشتهار بند نه ٿا ڪري سگهون. هڪ سوال تي هن چيو ته پريس ڪلب جنهن صحافي جي ??مانت ڏيندو ان کي ڊيجيٽل صحافت جي لاءِ 5 لک رپين تا??ين جو قرض ڏينداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته لاهور ڊويزن ۾ هيستا??ين 5 هزار 669 ماڻهو صحت ڪارڊ مان فائدو کڻي چڪا ??هن، جن ماڻهن کي علاج ۾ مشڪلاتون آهن اهي اسان کي آگاهه ڪن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه صحت پروگرام ۾ توسيع ڪري ڇڏي آهي، گردي ۽ ليور ٽرانسپلانٽ کي به ان پروگرام ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، وقت سان گڏ ان پروگرام ۾ وڌيڪ توسيع ڪئي ويندي. هڪ سوال تي هن چيو ته 700 ارب رپين جو سدرن بلوچستان پئڪيج ڏنو ويو، گوادر شهر جي لاءِ نئون مڪينزم جوڙي ڇڏيو آهي، ايندڙ 6 مهينن ۾ گوادر جا وڏا مسئلا حل ٿي ويندا. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف لنڊن جي ??ڀ کان مهانگي پراپرٽي ۾ رهي ٿو، آصف علي زرداري جڏهن لنڊن وڃي ٿو ته چرچل هوٽل ۾ مهانگي ترين اپارٽمينٽ ۾ رهائش اختيار ڪري ٿو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو مسئلو سڌوسنئون انهن سان واڳيل آهي. هن چيو ته 1947ع کان 2008ع تا??ين 6 ٽريلين رپين جو قرض ورتو ويو، ان رقم سان اسان فوج کي مضبوط ڪيو، گوادر شهر خريد ڪيو، اسلام آباد شهر ٺاهيو، اسان ائٽمي طاقت بڻياسين، 2008ع کان 2018ع تا??ين 23 ٽريلين جو قرض ورتو ويو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت کي پنهنجي 5 سالن ۾ انهن ماڻهن جو ورتل 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، هيستا??ين اسان 32 ارب ڊالر قرض واپس ڪري چڪا ??هيون، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي به انهن ماڻهن جي ڪري آهي، اسان انهن کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهون ٿا.