اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان جاپان جي سفير متسو هيرو واڊا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايشيا ۾ هڪ ??نتهائي اه?? ملڪ جي طور تي پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اه??يت ڏي ٿو. جاپان هڪ مستحڪم معاشي ملڪ آهي ۽ اسان جاپان جي بهتر معاشي ماڊل جي تقليد ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، سينيٽ چيئرمين ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ جاپان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، سينيٽ چيئرمين ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. سينيٽ چيئرم??ن ۽ جاپاني سفير ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو