اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪيڏانهن نه وڃي رهيو آهي، هو ايندڙ پنج ??ال به حڪومت ڪندو، ڪپتان جا سڀئي رانديگر عمران خان سان گڏ آهن ۽ جيڪي باغي ٿيا آهن انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان جي جمهوريت مضبوط آهي ۽ ملڪ جو چهرو نکري ڪر?? سامهون ايندو، مخالف ڌر کي احتجاج جو آئيني حق آهي پر ٽڪراءُ جي اجازت ڪنهن کي نٿي ڏئي سگهجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته ماڻهن جا ضمير خريد ڪر?? بي اعتمادي جي مهم هلائي پئي وڃي، پر ضمير خريد ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ سمورن جو رستو روڪڻو پوندو، مم??ڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر پاران روزاني حڪومت تي الزام هنيا ويندا آهن پر جيڪي ماڻهو مخصوص سيٽن تي چونڊجيا انهن وٽ ڪو به جواز نه آهي، آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان لُٽ مار جي پئسي مان سياست ۾ جيڪو گند ڪيو آهي ان جي صفائي ڪرڻي پوندي، ه?? چيو ته جيڪڏهن ڪو ميمبر عوام جي ووٽ جي سبب سان منتخب ٿيو آهي ته عمران خان جي ڪر?? ٿيو، ڇاڪاڻ جو ماڻهن عمران خان کي ووٽ ڏنو آهي ۽ عوام ڪنهن کي امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ ڏيندي، ه?? چيو ته چونڊيل ميمبرن جون شڪايتون ٻڌڻ هڪ جمهوري عمل آهي جيڪي اسان پهرين به ٻڌيون ۽ هاڻي به انهن جون شڪايتون ختم ڪنداسين. مم??ڪتي وزير چيو ته اتحادي ڪابينا جو حصو آهن ۽ اڃان تائين انهن ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ۽ اسان اتحادين کي گذريل ساڍا ٽن کان تمام سٺي طريقي سان گڏ وٺي هليا آهيون، جنهن قسم جو پروگرام سازشي ٽولي ٺاهيو آهي ملڪي معيشت ان جي سٽ نٿي سگهي ٿي، پر سازش ڪندڙ ناڪام ٿيندا. فرخ حبيب چيو ته جنهن ڏينهن کان عمران خان حلف کنيو ان ڏينهن کان لُٽ مار ڪندڙ ان جي خلاف سازش ڪر?? رهيا آهن ۽ آر يا پار وارا بار بار خوار ٿيندا رهندا. مم??ڪتي وزير چيو ته ناراض ميمبر ٻيهر حڪومت سان گڏ نظر ايندا ۽ مخالف ڌر هڪ دفعو ٻيهر پاناما وانگر روئندي نظر ايندي. جمهوريت جي مضبوطي لاءِ سياست ۾ پئسي جو استعمال روڪڻو پوندو. سڀني ڏٺو ته سينيٽ چونڊن ۾ به پئسو هليو هاڻي به ضميرن جا سودا ڪيا پيا وڃن، مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سپريم ڪورٽ جي سامهون پاڪستان جي تاريخ جو انتهائي اهم معاملو آهي، پاڪستان جي معيشت جو رخ درست آهي، روانگي واپار وڌي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ايندڙ پنجن سالن لاءِ به منتخب ٿيندو، آئين تحت سڀني کي پرامن احتجاج جو حق حاصل آهي، جلسا ضرور ڪن، قانون جي خلاف ورزي ڪندا ته ڪارروائي ٿيندي. اتحادين کي پهرين به گڏ وٺي هلياسين ۽ هاڻي به گڏ کڻي هلنداسين. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته سازشي عنصر پهرين ڏينهن کان حڪومت خلاف سازشن ۾ ملوث آهن، باغي ميمبر واپس ايندا ۽ مٺايون کارائڻ وارا روئندا نظر ايندا.