ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڪي سي آر کي واپس سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ ٽن اسپتالن لاءِ وفاق ۽ سن?? حڪومت وچ ۾ معاهدو ڪري انهن اسپتالن جو ڪنٽرول سن?? حڪومت کي ڏيڻ ۽ گئس تي صوبن جو حق تسليم ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو آهي ته 10 اپريل تي آئين جي فتح ٿي ۽ ڌانڌلي واري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، اسان کي گذريل حڪومت جي خاتمي تي جشن ملهائڻ بدران عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، هن ملڪ کي گڏجي خوشحال ۽ پرامن بڻائڻو آهي، صنعتي علائقن ۾ سمورن روڊن جي تعمير جو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، سن?? حڪومت کي گهرجي ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ وٺڻ جي تجويز ڏئي، اسان ٻين صوبن کي به اهو ئي چونداسين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صوبا پاڻ ٽيسٽ وٺڻ جي حق ۾ آهن ته ان تي ضرور غور ڪنداسين.
هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ سن?? جي ترقياتي پروگرامن سميت وفاق ۽ سن?? جي مسئلن بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه وزيراعظم پاڪستان آڏو سن?? جو ڪيس پيش ڪيو. سن?? جي وڏي وزير وزيراعظم کي توانائي، ڪراچي ٽرانسفارميشن، ڄامشورو-سيوهڻ ڊبل ڪيريج وي، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ڪراچي ۾ 3 اسپتالن جو ڪنٽرول، پاڻي جي مسئلن، ڪراچي ماس ٽرانزٽ، ڪراچي واٽر منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف چيو ته عهدو سن??الڻ کانپوءِ مزار قائد تي حاضري ڏني ۽ سن?? جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي. وزيراعظم چيو ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو وڏو ڏينهن آهي. 10 اپريل تي آئين جي فتح ٿي ۽ ڌانڌلي واري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي گذريل حڪومت جي خاتمي تي جشن ملهائڻ بدران عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن سمورا صوبا ترقي ڪندا. هن چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا آهن، اسان کي انهن کي حل ڪرڻو پوندو. وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه کي اجلاس ۾ پاڻ سان گڏ ويهاريو. سن?? جي وڏي وزير وزيراعليٰ هائوس اچڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، اڪرم دراني، مريم اورنگزيب، خالد مقبول صديقي، خواجا اظهار، ڪنور نويد، مولانا اسد محمود ۽ چيئرمين واپڊا، چيئرمين ريلوي، چيئرمين اين ڊي ايم اي، وفاقي سيڪريٽرين صالح فاروقي، عزيز عقيلي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير اجلاس ۾ سمورن اتحادين کي ڀليڪار چيو. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو آهي ته آئين موجب جنهن صوبي مان گئس نڪرندي ان جو پهريون حق آهي پر وفاقي حڪومت ڊبليو اي سي او جي پاليسي لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته WCOG پاليسي تحت درآمدي گيس جي قيمت جو تعين درآمدي ۽ مقامي گيس جي پولنگ ذريعي ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سن?? مان گئس ٻين صوبن کي فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن سبب سن?? ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل، پي ايس او، ايس ايس جي سي ايل ۽ اوگرا ۾ سن?? جي نمائندگي ڪئي وڃي. سن?? جي وڏي وزير وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته سن?? جي ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ تي پابندي ختم ڪئي وڃي. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گئس جي منتقلي بابت منصوبا ٺاهي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته صوبن کي گئس ۾ سندن حق ملندو. سن?? جي وڏي وزير چيو ته اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪا ٿر ڪول جي ٽرانسپورٽيشن لاءِ ضروري آهي. ان حوالي سان ريلوي واري وزارت ان منصوبي جي فزيبلٽي تيار ڪري ورتي آهي. سن?? جي وڏي وزير وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هن منصوبي کي ترت ڪم شروع ڪيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت نيپرا ايڪٽ ۾ هڪ طرفي ترميم ڪئي آهي ان ترميم جي ڪري سن?? نيپرا جو پنهنجو ميمبر نامزد نٿو ڪري سگهي، اها سن?? سان زيادتي آهي ان کي صحيح ڪيو وڃي. سيد مر??د علي شاهه چيو ته سن?? ۾ 12-12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ان جو جلد تدارڪ ڪيو وڃي. سيپڪو جي بجلي جي طلب 777 ميگاواٽ آهي پر 412 ميگاواٽ ملندي آهي، ان حساب سان سيپڪو جو پاور شارٽ فال 365 ميگاواٽ آهي. حيسڪو جي 1050 ميگاواٽ جي طلب جي ڀيٽ ۾ 652 ميگاواٽ بجلي ملندي آهي ان حساب سان حيسڪو کي 398 ميگاواٽ گهٽ بجلي ملي ٿي. ڪي اليڪٽرڪ جي طلب 3213 ميگاواٽ آهي پر سپلائي 2813 ميگاواٽ آهي، ان حساب سان ڪي اليڪٽرڪ 400 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سال 22-2021ع ۾ سن?? کي 419.7 ??رب رپين جون 103 اسڪيمون ڏنيون ويون آهن ان جي ابتڙ 22-2021ع ۾ پنجاب کي 1.2 ٽريلين رپين جون 177 اسڪيمون ڏنيون ويون. خيبرپختونخواهه کي 1.9 ٽريلين رپين جون 127 اسڪيمون ڏنيون ويون. هن چيو ته سن?? سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير چيو ته نئين مالي سال لاءِ سن?? حڪومت 25 نيون اسڪيمون وفاق کي موڪلي ڇڏيون آهن، انهن 25 اسڪيمن جي ماليت 264358.7 ??رب رپيا آهي. سن?? جي وڏي وزير، وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته اهي اسڪيمون منظور ڪري سن?? جي زخمن کي ڀريو وڃي.
وزيراعظم سن?? جي وڏي وزير کي نئين مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ سن?? جي ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. سن?? جي وڏي وزير چيو ته حيدرآباد-سکر موٽر وي 165.7 ??رب رپين جي لاڳت سان منظور ڪيو ويو، وفاقي حڪومت هن روڊ کي پي پي پي تحت ٺاهڻ چاهي ٿي، اهو 306 ڪلوميٽر 6 لائين ويڪرو روڊ هوندو. سن?? جي وڏي وزير چيو ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ لاءِ 7 ??رب رپيا سن?? حڪومت 2017ع ۾ ادا ڪيا هئا پر اهو روڊ اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. وزيراعظم نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي (اين ايڇ اي) کي هدايت ڪئي ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ تي ڪم تيز ڪيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو آهي ته ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ (TP-1) انڊسٽريل ويسٽ ٽريٽمينٽ پروجيڪٽ 30.2 ??رب رپين جي لاڳت آهي. 35 ايم جي ڊي ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي گنجائش وڌائي 70 ايم جي ڊي ڪرڻو آهي، اهو پاڻي سائيٽ ايريا کي فراهم ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته TP-IV منصوبي جي لاڳت 80 ??رب رپيا آهي. ٽي پي چار 180 ايم جي ڊي گندو پاڻي صاف ڪري ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کي ڏنو ويندو. 180 MIGD کان 50 MIGD صاف ڪري ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کي ڏنو ويندو. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو آهي ته حب مان ڪراچي جي ضلعي اولهه کي 100 ايم جي ڊي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. حب ڪينال جي بحاليءَ جو منصوبو 14.4 ??رب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي. سن?? جي وڏي وزير چيو ته ڪي 4 آگمينٽيشن پروجيڪٽ سن?? حڪومت جي ذميواري آهي. هن منصوبي جي ٽوٽل لاڳت 52.34 ??رب رپيا آهي. سن?? جي وڏي وزير وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته هو ماڙيپور ايڪسپريس وي، ايم-9 ايم فائيو لنڪ روڊ، ملير ايڪسپريس وي، گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل، ٽي پي 4 ۽ حب ڪينال جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪري.
سنڌ جي وڏي وزير شهباز شريف کي بي آر ٽي منصوبن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سن?? حڪومت ريڊ لائين بي آر ٽي سسٽم شروع ڪري رهي آهي، بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ 250 بايو هائبرڊ بسون خريد ڪيون وينديون، جن ۾ روزانو 350000 کان وڌيڪ مسافر سفر ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته پروجيڪٽ 22.5 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو جنهن ۾ 23 اسٽيشنون، 208 شيلٽرز ۽ 2 بس ڊپو هوندا. سن?? جي وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن ان تي جلد ڪم ڪيو ويندو. سيد مر??د علي شاهه چيو ته بي آر ٽي ييلو لائين 17.6 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو، هيءَ منصوبو ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو پيو وڃي جنهن تي صلاحڪار ڪم ڪري رهيا آهن. سن?? جي وڏي وزير انهن بي آر ٽي منصوبن لاءِ 2000 اليڪٽرڪ بسون خريد ڪرڻ جي منصوبي بابت پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته انهن بسن جي خريداري تي 108 ??رب رپيا خرچ ٿيندا. سن?? جي وڏي وزير، وزيراعظم کي بس جي خريداري جي منصوبن تي خرچ جو 50 سيڪڙو ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بسن جي خريداري لاءِ سن?? حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي. ڪراچي جي ٽن وڏين اسپتالن بابت وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏيندي سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو ته 2011ع ۾ جناح اسپتال، ڪارڊيو ۽ چلڊرن اسپتال سن?? حڪومت حوالي ڪيا ويا هئا. سن?? حڪومت 2011 کان وٺي JPMC، NICVD، NICH کي اپ گريڊ ڪيو آهي. سيد مر??د علي شاهه چيو ته جي پي ايم سي ۾ ڪينسر جو علاج به مفت ڪيو ويندو آهي. سن?? جي وڏي وزير چيو ته سن?? حڪومت اين آءِ سي وي ڊي جا 8 سيٽلائيٽ سينٽر پڻ قائم ڪيا آهن. 2011ع ۾ NICVD جو ڪل خرچ 30 ڪروڙ رپيا هو ۽ هن وقت ساليانو خرچ 6 ??رب رپيا آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت مارچ 2019ع ۾ جي پي ايم سي لاءِ بورڊ جوڙيو هو. هي بورڊ هاڻي ڪم نه پيو ڪري ۽ ان بورڊ جي ڪري اسپتال جي ڪارڪردگي خراب ٿي وئي آهي. سن?? جي وڏي وزير چيو ته 2019ع ۾ وفاقي ڪابينا 3 وڏيون اسپتالون سن?? حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا جي فيصلي موجب ٻين صوبن ۾ وفاق جون اسپتالون به انهن صوبن کي ڏنيون وينديون. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو ته سن?? حڪومت 2011 کان 2022 تائين انهن ٽن اسپتالن تي 30559.9 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن. سن?? جي وڏي وزير، وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ڪراچي جون 3 وڏيون اسپتالون سن?? حڪومت حوالي ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۽ سن?? حڪومت کي گهرجي ته اهي اسپتالون سن?? کي ڏيڻ لاءِ ڪو ميڪنزم جوڙيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وفاق ۽ سن?? حڪومت انهن اسپتالن لاءِ معاهدو ڪنديون ۽ انهن اسپتالن جو ڪنٽرول سن?? حڪومت کي ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت اسپتالن جي حوالي سان فيصلي تي نظرثاني ڪري معاهدو ڪندي. سن?? جي وڏي وزير شهباز شريف کي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن (پي ايم سي) بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کي داخلا ڏيڻ جو حق صوبائي حڪومتن کي حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته انٽري ٽيسٽ جو نظام 1998ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جيڪي ادارن پاڻ ڪرايو. 2018ع ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ صوبائي سطح تي ڏني ويندي. پرائيويٽ ميڊيڪل ادارن ۽ پاڪ فوج جي انتظام هيٺ طبي ادارن کي داخلا ٽيسٽ کان ڇوٽ ڏني وئي. 2020 ۾ PMDC کي PMC ۾ تبديل ڪيو ويو، PMC قومي سطح تي MDCAT انٽري ٽيسٽ وٺڻ شروع ڪئي، PMC ان ڳالهه تي به غور نه ڪيو ته هر صوبي جو پنهنجو نصاب آهي، MDCAT الڳ الڳ نصاب جي ڪري قومي سطح تي نه ٿي سگهي. پي ايم سي اهو فيصلو ڪندي وقت صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ نه ورتو. سن?? جي وڏي وزير چيو ته پي ايم سي ايڪٽ ننڍن صوبن لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتن کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. PMC ايڪٽ تحت، مقامي ڊوميسائل شاگردن کي انهن جي لاڳاپيل صوبن ۾ داخلا کان انڪار ڪيو ويو آهي. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو آهي ته سن?? ڪابينا 2021ع ۾ ايم ڊي سي اي ٽي لاءِ 65 سيڪڙو پاسنگ مارڪ گهٽائي 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيا آهن. پي ايم سي سن?? ڪابينا جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پي ايم سي جي فيصلي کي نه مڃڻ سان سن?? ۾ هر سال ڊاڪٽرن جي کوٽ پيدا ٿيندي.
سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته پي ايم سي کي هدايت ڪئي وڃي ته هو سن?? ڪابينا جي فيصلي جو احترام ڪري. سن?? جي وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته صوبائي سطح تي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سن?? حڪومت کي گهرجي ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ وٺڻ جي تجويز ڏئي، اسان ٻين صوبن کي به اهوئي چوندسين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صوبا پاڻ ٽيسٽ وٺڻ تي راضي ٿيا ته ان تي ضرور غور ڪنداسين. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي پاڻي جي ورڇ واري معاملي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڻي جو معاهدو 1991ع ۾ سي سي آءِ جي منظوري سان ٿيو هو، پهرين مرحلي ۾ پاڻي ماهوار ۽ 10 ڏينهن جي بنياد تي نه ورهايو ويو. انکانپوءِ هڪ پيراگراف شامل ڪري 10 ڏينهن جي مختص معاهدي ۾ شامل ڪيو ويو. معاهدي موجب پاڻي جي ورڇ 10 ڏينهن جي بنياد تي ورهايو ويندو. سن?? جي وڏي وزير چيو ته ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي 2003ع ۾ خريف جي پاڻي جي ورڇ لاءِ ٽن درجن واري فارمولي تي عمل شروع ڪيو، سن?? حڪومت ان نئين فارمولي تي اعتراض ڪيو ڇوته اهو معاهدي جي ڀڃڪڙي هيٺ اچي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سن??، پنهنجي حصي مان 3 درجن واري فارمولي سبب 5 ايم اي ايف پاڻي کان محروم ٿي وئي آهي. سن?? جي وڏي وزير چيو ته ارسا گذريل 18 سالن کان پاڻي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ٽن درجن واري فارمولي تي عمل ڪري رهي آهي. لا ڊويزن ٻڌايو ته 10 ڏينهن جو پاڻي استعمال معاهدي جو حصو آهي جنهن تي عمل ٿيڻ گهرجي. پاڻي جي کوٽ Historic Uses جي بنياد تي صوبن سان شيئر ڪرڻ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو ته سي سي آءِ 2018ع ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ڪميٽي ۾ سمورن صوبن جا نمائندا شامل هئا. اٽارني جنرل سفارش ڪئي ته 2019ع ۾ پاڻي جي ورڇ 10 ڏينهن جي حساب سان ڪئي وڃي. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو آهي ته اٽارني جنرل جي رپورٽ سي سي آءِ کي ڊسمبر 2019ع ۾ پيش ڪئي وئي هئي. سي سي آءِ پنجاب کانسواءِ سمورن صوبن جي اٽارني جنرلن جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پنجاب جي اعتراضن سبب نئين اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي. جون 2021ع جي رپورٽ ۾ اٽارني جنرل چيو ته پاڻي جي ورڇ جو معاملو قانوني هجڻ سبب گهڻو سياسي آهي. اٽارني جنرل خالد جاويد پاڻي جي ورڇ وارو معاملو وڌيڪ هدايت لاءِ سي سي آءِ حوالي ڪري ڇڏيو. جنوري 2022 ۾ سي سي آءِ پاڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي. ڪميٽي ۾ آبپاشي وارو صوبائي وزير به شامل هو. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي درخواست ڪئي ته پاڻي جي 3 درجن جي ورڇ واري فارمولي کي ختم ڪيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير، وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته انور منصور خان جي رپورٽ تي عملدرآمد لاءِ ارسا کي هدايت ڪئي وڃي. سن?? جي وڏي وزير مر??د علي شاهه ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو ڪيس وزيراعظم شهباز شريف آڏو پيش ڪيو. سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سڄي ملڪ جو معاشي حب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري ٿو تنهنڪري سڄي پاڪستان جا ماڻهو هن شهر ۾ وڏي انگ ۾ رهن ٿا. سن?? جي وڏي وزير چيو ته عالمي معيار موجب في ماڻهو روزانو 40 گيلن پاڻي استعمال ڪندو آهي هن وقت ڪراچي ۾ پاڻي جو استعمال 40 گيلن مان گهٽجي 12.75 گيلن ٿيو ويو آهي. هن چيو ته سن?? حڪومت ڪراچي شهر کي پنهنجي حصي جو 520 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪري رهي آهي. سن?? جي وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته وفاقي حڪومت کي 1200 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير مر??د علي شاهه چشما-جهلم هائيڊرو پروجيڪٽ جو معاملو به وزيراعظم شهباز شريف آڏو اٿاريو. هن چيو ته ارسا، چشما-جهلم لنڪ ڪينال تي 25 ميگاواٽ پاور پراجيڪٽ لڳائڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي جي لنڪ ڪينال هڪ بين الصوبائي ڪينال هجڻ سبب ارسا جي ماتحت ناهي. سيد مر??د علي شاهه چيو ته سن?? اسيمبلي ان منصوبي لاءِ اين او سي ڏيڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو آهي. سن?? جي وڏي وزير، وزيراعظم شهباز شريف کان اين او سي واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. سن?? جي وڏي وزير، چوبارا برانچ ڪينال جي تعمير جو معاملو به وزيراعظم آڏو اٿاريو. سن?? جي وڏي وزير چيو ته چوبارا برانچ ڪينال گريٽر ٿل ڪينال فيز II جو حصو آهي. گريٽر ٿل ڪئنال چشما-جهلم لنڪ ڪينال مان نڪرندو آهي. گريٽر ٿل ڪينال جو ڊيزائن ڊسچارج 8500 ڪيوسڪ ۽ 1.79 ملين ايڪڙ ڪمانڊ ايريا آهي. گريٽر ٿل ڪينال 2.497 MAF پاڻي حاصل ڪري ٿو جنهن ۾ 0.624 MAF ٻوڏ جو پاڻي به شامل آهي. گريٽر ٿل ڪينال 2009ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ هاڻي پنجاب حڪومت ان جي فيز-2 چوباره برانچ ٺاهڻ چاهي ٿي. هن واهه لاءِ پاڻي جي معاهدي ۾ ڪوبه پاڻي ناهي. سن?? جي وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ٺل ڪينال فيز 2 جو ڪم بند ڪرايو وڃي. سن?? جي وڏي وزير جلالپور ايريگيشن ڪينال جي تعمير جو معاملو به اٿاريو. سيد مر??د علي شاهه چيو ته هي ڪينال تعلقي جهلم ۽ تعلقي پنڊي دادن خان ۽ تعلقي خوشاب جون زمينون آباد ڪري ڇڏيندو. هن ڪئنال جي معاهدي ۾ پاڻي ناهي ان تي ڪم فوري طور بند ڪيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير، وزيراعظم کي ڪي بي فيڊر جي لائيننگ جي منصوبي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ان منصوبي تحت ڪي بي فيڊر جي لائيننگ ڪئي ويندي. ڪي بي فيڊر جي لائيننگ ڪرڻ سان 500 ڪيوسڪ پاڻي ضايع ٿيڻ جي بچت ٿيندي. ڪي بي فيڊر جي لائيننگ K4 منصوبي لاءِ شهر کي 1200 ڪيوسڪ کان 2400 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪندو. هن منصوبي جي لاڳت 35.5 ??رب رپيا آهي. سن?? جي وڏي وزير، وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ڪي بي فيڊر کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو وڃي. وڏي وزير، وزيراعظم کي ڪلري بگهاڙ فيڊر سسٽم منصوبي بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان سان ڪينجهر ۾ 0.42 کان وٺي 82 ايم اي ايف پاڻي ذخيرو ٿي سگهي ٿو. هن منصوبي جي ڪل لاڳت 75.5 ??رب رپيا آهي جنهن کي پي ايس ڊي پي ۾ به شامل ڪيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير وزيراعظم کي ٺٽي ضلعي ۾ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڊائڪ dyke جي منصوبي کان آگاهه ڪيو. ڊاڪس جي اڏاوت سان تعلقي ڪيٽي بندر جي زمينن کي سمنڊ ڳڙڪائي نه سگهندو. هن وقت تائين ٺٽي ضلعي جي 11 ڳوٺن جي 215900 ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. سيفٽي ڊائڪس جي تعمير جي منصوبي تي 4.5 ??رب رپيا خرچ ڪيا ويندا ان کي پي ايس ڊي پي ۾ به شامل ڪيو وڃي. سن?? جي وڏي وزير مر??د علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو مسئلو ۽ بي آر ٽي سروس جي ڪاميابي جو دارومدار ڪي سي آر تي آهي. وفاقي حڪومت پي پي پي موڊ تي 201 ??رب رپين جي لاڳت سان ڪي سي آر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سن?? جي وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سي پيڪ تحت ڪي سي آر تعمير ڪرايو وڃي. توهان سي پيڪ کي تيز ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي ته جيئن ڪي سي آر سميت سن?? جا منصوبا سي پيڪ ۾ شامل ڪيا وڃن. وزيراعظم سن?? جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته اسان ڪي سي آر کي واپس سي پيڪ ۾ شامل ڪنداسين ۽ ان تحت آڻينداسين. ان کان اڳ وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف جي ڪراچي پهچڻ تي سن?? جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه سندس سموري ڪابينا سوڌو ڪراچي ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو. صوبائي وزيرن ۾ منظور وساڻ، ناصر شاهه، شبير بجاراڻي، مڪيش چاولا، گيانچند ايسراڻي، ضياءَ شاهه، فياض ٻٽ، اويس قادر شاهه، شهلا رضا، اسماعيل راهو، ڄام خان شورو، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا شامل هئا. مسلم ليگ ن جو شاهه محمد شاهه، کيئل داس پڻ استقبال ڪندڙن ۾ شامل هُئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، احسن اقبال ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. اي پي پي/ ص – ع/ش – چ 21:20