اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پش??ور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ ميٽرو بس منصوبي جو دورو ڪيو ۽ منصوب?? ۾ ??ير جي جاچ جو حڪم ۽ ماڻهن کي سفر جي بهترين ۽ معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي پڻ ميٽرو بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم صبح 7 وڳي ميٽرو بس سروس تي جاري ڪ?? جو جائزو وٺڻ لاءِ پش??ور موٽر ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ احسن اقبال، انجم عقيل خان، حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم کي سي ڊي اي ۽ اين ايڇ اي جي عملدارن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڇنڇر کان 15 بسون ان روٽ تي هلڻ شروع ٿي وينديون، 5 مئي تائين 30 بسون وڌيڪ پهچي وينديون، اهو منصوبو 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر دير جو شڪار رهيو. وزيراعظم منصوب?? ۾ ??ير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 16 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن پر ايترو ڊگهو عرصو اهو منصوبو التوا جو شڪار رهيو آهي جيڪا انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي، منصوب?? ۾ ??ير جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دير جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي، آئون ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ڇو فيصلا وقت تي نه ٿيا ۽ ان ۾ دير جو سبب ڪهڙو آهي، هي قوم جو پئسو آهي جنهن جو ماڻهن کي فائدو نه پهتو، فنڊز عوامي ڀلائي جي اهڙن منصوبن تي خرچ ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هن منصوبي سان ماڻهن کي ايئرپورٽ تائين اچ وڃ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته موٽروي تي پڻ هڪ ميٽرو اسٽيشن ٺاهي وڃي، موٽروي تي جيڪڏهن ميٽرو اسٽيشن نه هوندي ته ان سان سڄي منصوبو جو ماڻهن کي فائدو نه پهچندو، ان لاءِ ڪا شٽل سروس ئي ڇو نه هلائڻي پوي موٽروي تي ميٽرو اسٽيشن هنگامي بنيادن تي ٺاهي وڃي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ٽڪيٽنگ جو عمل جيستائين مڪمل نه ٿو ٿئي ٽڪيٽون مينوئل طريقي سان جاري ڪ??ون وڃن ۽ رمضان المبارڪ ۾ مفت ميٽرو بسون هلايون وڃن ته جيئن هن مقدس مهين?? ۾ ????ري?? کي سهولت ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايئرپورٽ ويندڙ مسافرن جي سامان لاءِ بسن ۾ سامان رکڻ جي سهولت ڏني وڃي، عوامي مفاد جا منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ش??ري?? کي معياري ۽ بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ميٽرو بس ۾ سفر پڻ ڪيو ۽ جاري ڪ?? جو معائنو ڪيو.