اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجرا??ي اتر ويرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان مو??ب سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صادق سنجراڻي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين شهيد لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي ??زيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو.