ليه – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري چڪو آهي، قوم کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون، جيڪڏهن اسان گذريل حڪومتن جي لاءِ قرضن جون قسطون وقت تي نه واپس نه ڪ??يون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، تعليم، صحت، انصاف ۽ ٿاڻن جو نظام بهتر بڻائي رهيا آهيون، 80 هزار ماڻهن کي هر مهيني بنا وياج قرض ۽ 50 هزار غريب نوجوانن کي هر سال اسڪالرشپ ڏينداسين، سڄي ملڪ ۾ مزدور ۽ غريب ط??قي کي ڇت ۽ خ??را?? جي فراهمي لاءِ پناهگاهون تعمير ڪيون پيون وڃن، غريب ۽ امير لاءِ هڪجهڙو نصاب آڻي رهيا آهيون، استادن لاءِ جزا ۽ سزا جو نظام آندو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ليه ۾ ”احساس اثاثا جات منتقلي پروگرام“جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.