اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي بجلي جي فراهمي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آه??، ماضي جي حڪومتن طرفان ڪيل معاهدن، وقت سر انتظامي سڌارن کي هڪ پاسي رکڻ سان توانائي جي شعبي ۾ مختلف چئلينجز درپ??ش آهن جنهن جو بار عوام کي ??رد??شت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت ا??دازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو