اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته موجوده حالتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي، حڪومت صوبن کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪري رهي آهي، وزيراعظم پاران خاطري ڪرايان ٿي ته موجوده حالتن ۾ سڀ متحد آهن، اسان کي هڪ قوم بڻجي دنيا کي پيغام ڏيڻ?? آهي ته اسان هر خطري کي منهن ڏئي سگهون ٿا، موثر ميڊيا حڪمت عملي بابت اجلاس جو مقصد ميڊيا کي وقت سر ۽ صحيح معلومات جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ جعلي خبرن جو تدارڪ آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا وائرس جي حوالي سان موثر ميڊيا حڪمت عملي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.