اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان سان پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان هتي ملاقات ڪئي ۽ پنجاب ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي صورتحال تي کيس ??فص??لي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪٿي به اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي يا کوٽ نه ٿيڻ گهرجي. پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان وزيراعظم پاران پنجاب حڪومت جي تجويزن سان اتفاق تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته هڪ لک ٽن ڪڻڪ جي د??آمد سان اٽي جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.