اسلام آباد – 11 آگسٽ (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير چيو ته اقليتن جي فلاح ۽ ڀلائي کانسواءِ مديني جي رياست جو خواب اڌورو رهندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ?? حڪومت ان خواب کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.