اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سا?? تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 747 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 31 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 881، پنجاب ۾ 11 هزار 239، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 888، اسلام آباد ۾ 3 هزار 442، بلوچس??ان ۾ هڪ هزار 617، گلگت بلتس??ان ۾ 533، آزاد ??شم??ر ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 96 هزار 881 ٿي چڪو آهي، آزاد ??شم??ر ۽ بلوچس??ان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيل??ٽر?? تي ڪووڊ 19 جا 93 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 903 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 263 آهي، جنهن مان آزاد ??شم??ر ۾ 2 هزار 698، بلوچس??ان ۾ 15 هزار 257، گلگت بلتس??ان ۾ 3 هزار 778، اسلام آباد ۾ 16 هزار 581، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 776، پنجاب ۾ 99 هزار 378 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 36 هزار 795 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 479 آهي.