اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي واري عد??لت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمر??ن خان کي بري ڪري ڇڏيو آهي نجي ٽي وي چئنل موجب دهشتگردي جي خاتمي واري عد??لت وزيراعظم عمر??ن خان جي بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي، دهشتگردي جي خاتمي واري عد??لت جي جج راجا جواد عباس وزيراعظم عمر??ن خان جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، سرڪاري وڪيل پاران به وزيراعظم عمر??ن خان جي درخواست جي حمايت ڪئي وئي هئي، وزيراعظم جي وڪيل بريت جي درخواست تي لکت ۾ دليل جمع ڪرائي موقف اختيار ڪيو هو ته عمر??ن خان کي ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، ان جي خلاف ڪو به ثبوت نه آهي، نه ئي ڪنهن گواه ان جي خلاف بيان ڏنو آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ اهو هڪ سياسي ڪيس آهي جنهن ۾ سزا جو ڪو به امڪان نه آهي ان لاءِ وزيراعظم عمر??ن خان کي بري ڪيو وڃي، وزيراعظم ۽ ٻين جي خلاف 2014ع جي ڌرڻي دوران ڪيس داخل ڪيو ويو هو.