اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاران پا??ست??ن جي خلاف جعلي فليگ آپريشن جي بيوقوفي ڪئي وئي ته ان جو هر سطح تي ??رپور جواب ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاران 2020ع ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جون ٽي هزار خلاف ورزيون ڪيون ويون آهن، هروڀرو ۽ ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ 276 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جنهن مان 92 عورتون ۽ 68 ٻار شامل آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته گڏيل قومن جي پا??ست??ن ۽ انڊيا بابت فوجي مبصر گروپ جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، ان گاڏي تي ??ڏيل قومن جو واضح نشان ۽ نيرو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ڀارت جو اهو قدم ڪنهن به ذميدا?? رياست جي قدرن، عالمي ۽ گڏيل قومن جي قانونن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.