اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? اسد قيصر چ??و آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي و??و آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن ??ي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽي?? سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اس??يڪ?? هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ شفقت محمود سميت حڪمران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف و??پ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني معاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پارلياماني اڳواڻ?? سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.