اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? چيو آهي ته عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين نه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چ??و ته ماضي جي حڪومتن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن چ??و ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام تائي?? مڪمل ٿي ويندي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته مريم نواز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مريم نواز ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چ??و ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن چ??و ته مريم نواز اهڙي قسم جي بيانن سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مريم نواز کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.