ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان نوادرات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي ??اءِ تاريخي نوادرات بابت معلومات کي ڊيجيٽل طريقي سان فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي ??اءِ سهولتون يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نوادرات قائداعظم ۽ نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ م??عقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سينيئر عملدارن ۽ قائداعظم جي ??زار جي ??ئنيجمينٽ بورڊ جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.