اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين ??فارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين ??الگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسين ??ي فراهمي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن سان چين ??ي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عم??ان خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن دو??ان گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منصوبو آهي ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان سان ٻه طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ??ه سال 2021ع هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 17 هين ??الگرهه جو سال آهي، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عم??ان خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين ??عاون تي روشني وجهندي ڪورونا ويڪسين ??ي فراهمي ۾ چين ???? پاڪستان کي جاري مدد تي دل جي گهراين ??ان واکاڻ ڪئي.