اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسي?? پاڪستانين کي انهن جا سياسي حق ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊ عمل کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل ادارن جي قومي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم واري ??فا??ي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري ??فا??ي وزير امين الحق ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اع??اڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊ قانونن ۾ بهتري جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سڌارن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين حصيدارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جو حوالو ڏيندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ا?? جي حمايت ڪئي، هن ڀيري به سياسي پارٽين جي قيادت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي شفاف چونڊ عمل جي حوالي سان عوام جي سياسي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ا??هي تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.